دادي ليلاوتي هرچنداڻي

دادي ليلاوتي هرچنداڻي

دادي ليلاوتي هرچنداڻي

دادي ليلاوتي هرچنداڻي: سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هرچنداڻي، هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر ۾، هيرآباد، حيدرآباد ۾، 20 ڊسمبر 1916ع تي جنم ورتو. داديءَ جو والد حيدرآباد جو هڪ معزز شخص هو، جيڪو اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جو ائڊوائيزر به رهي چڪو هو. داديءَ وارا پاڻ ۾ ٻه ڀينرون ۽ ڇهه ڀائر هئا، جن مان هڪ ڀيڻ ۽ چار ڀائر داديءَ کان وڏا هئا. داديءَ جو سڀ کان وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر ’بولچند هوتچند واڌواڻي‘ بصري (بغداد) ۾ پرئڪٽس ڪندو هو، جتي هُو 20 سال رهيو ۽ 1950ع ۾ وفات ڪيائين. داديءَ جو ٻيو ڀاءُ تيرٿداس هوتچند واڌواڻي، 4 جون 1906ع ۾ ڄائو، بي.اي، ايل.ايل.بي تائين تعليم حاصل ڪيائين. پهرين مختيارڪار ۽ بعد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ وڪالت ڪيائين ۽ سندس شمار ڪرمنل ڪيسن جي حوالي سان، سنڌ جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿيندو هو. تيرٿداس صوفي منش هو، شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعريءَ سان خاص اُنس هئس. هن شاهه لطيف جي زندگيءَ پيغام ۽ شاعريءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا.
داديءَ جو ٽيون ڀاءُ سهجرام واڌواڻي پڻ وڪيل هو، گڏوگڏ هُو حيدرآباد شهر جو مشهور ’ميوزڪ ڊائريڪٽر‘ هو. شهر جي اڪثر دَرسگاهن ۽ مکيه فنڪشنن ۾ موسيقيءَ جا اسم سندس نگرانيءَ ۽ هدايتن هيٺ ترتيب ڏنا ويندا هئا. سندس چوٿون ڀاءُ لالچند واڌواڻي، پهريون سنڌي هو، جيڪو 1935ع ۾، آمريڪا ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ، والده جي وفات جي صدمي هيٺ، انجنيئرنگ جي چوٿين سال جي تعليم حاصل ڪرڻ دوران 1937ع ۾ اُتي ئي گذاري ويو. داديءَ جي ٻن ننڍن ڀائرن مان هڪڙو ڀيرومل واڌواڻي واپاري هو ۽ ٻيو دولترام واڌواڻي، ڪالٽيڪس (Caltex) ڪمپنيءَ ۾ انجنيئر هو. سندس والد 1953ع ۾ وفات ڪئي.
دادي ليلاوتيءَ جو خاندان سُکيو ستابو ۽ مڇيءَ مانيءَ وارو هو. اُن زماني ۾ کين پنهنجي موٽرڪار ۽ هيرآباد ۾ ٽي جايون هيون، جيڪي داديءَ کي ماءُ، 1937ع ۾ حوالي ڪيون. سندس والده عامل خاندان مان هئي، هن مختصر تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ اخبار پڙهي ويندي هئي.
دادي ليلا جي خاندان کي راڳ ڳائڻ جي خداداد ڏات حاصل هئي. سندس اَمڙ مٺي آواز ۾ شبد ۽ لوليون ڳائيندي هئي. سندس والد جو آواز به ڏاڍو مٺو هوندو هو ۽ ننڍي هوندي ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ اُتـي ڳائيندو به هو.
دادي ليلا، گُلي ٻائي پرائمري اسڪول، تلڪ چاڙهي حيدرآباد ۾ ڇهه درجا پڙهيا ۽ ساڳئي ئي اسڪول مان ورنيڪيولر فائينل ڏنائين. 1935ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد (جيڪو هاڻي نور محمد هاءِ اسڪول سڏجي ٿو) مان مئٽرڪ ڪيائين. هن 1940ع ۾ ڊي. جي. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان بي. اي پاس ڪئي.
دادي لـيلاوتي، 1940ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ مـوسيقيءَ جي استاد مقرر ٿي. هن پوسٽ لاءِ داديءَ کان جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ ٻين ستن عالمن لاڳيتو ست ڏينهن ڌار ڌار انٽرويو ورتو. دادي ليلا، 35 روپيا ماهوار پگهار تي ’ميوزڪ ٽيچر‘ مقرر ٿي. هوءَ نياڻين کي دلي لڳاءَ، پيارَ، پاٻوهه ۽ پنهنجائپ سان راڳ سيکاريندي هئي. داديءَ کي راڳ جي سکيا لاءِ هڪ پاسيرو ڪلاس ڏنو ويو هو، باوجود اُن جي ڪيتريون ڇوڪريون پاڻيءَ پيئڻ يا ٻئي ڪنهن بهاني سان نٽائي، اچي سندس ’راڳ جي ڪلاس‘ ۾ شريڪ ٿينديون هيون. هن نياڻين کي وطن دوستيءَ، تعليم ۽ هُنر جي اهميت وارا ڪيترا گيت ۽ نظم سيکاريا. اُن زماني ۾ حيدرآباد کي تعليمي لحاظ کان ڪراچيءَ کان به وڌيڪ اهميت حاصل هئي. ممبئيءَ جي گورنر مسٽر موڊيءَ جي بيگم، جڏهن ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي هڪ فنڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ داديءَ ۽ سندس تيار ڪيل شاگردياڻين کان راڳ ٻڌائين ته ايڏو ته خوش ٿي، جو ڪاليج جي ’وزيٽرس بُڪ‘ تي داديءَ جي ساراهه ۾ هڪ ڀرپور نوٽ لکيائين.
دادي ليلا ’ميوزڪ ٽيچر‘ طور وڏي عزت ۽ مانُ ماڻيو. داديءَ جو ڀاءُ سهجرام ميوزڪ ڊائريڪٽر، ڪاليج جي پروگرامن ۾ سندس وڏي مدد ڪندو هو. ڪاليج ۾ ڊراما ٿيندا هئا، ان لاءِ به دادي راڳَ تيار ڪرائيندي هئي ۽ سڄي شهر جا ناميارا شهري هنن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. دادي 1947ع تائين حيدرآباد ۾ ميوزڪ ٽيچر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ميوزڪ ٽيچر واري ملازمت دوران يا ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪندي هن سنڌي نياڻين کي شاهه، سچل سرمست، سامي، ٽي. ايل واسواڻي ’نوري‘، قليچ بيگ ۽ ٻين ڪيترن اهم شاعرن جا ڪلام ياد ڪرائڻ سان گڏ، کين سنڌي تعليم ۽ هنرن بابت پنهنجا ۽ پروفيسر ناگراڻيءَ جا تيار ڪيل گيت پڻ سيکاريا.
دادي ليلاوتيءَ کي موسيقيءَ ۽ راڳ سان دلچسپي گهرَ کان ئي ورثي ۾ ملي. داديءَ چئن ورهين جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. ستن ورهين جي عمر ۾ پرائمري پهرئين درجي ۾ هارمونيم تي ڌڻيءَ جي ساراهه ۽ پرارٿنا جا گيت ڳائيندي هئي. اٺن ورهين جي ڄمار ۾ سندس واسطو سنڌ جي عظيم سنت، صوفي ۽ شاهه لطيف جي شيدائي ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ سان پيو، جنهن کي سچو گُرو ۽ سنت ڪري مڃيندي هئي. ساڌو واسواڻيءَ سندس سِرَ تي شفقت جو هٿُ رکيو. کيس هندستان جي ’عظيم موسيقار‘ (King of Musicians) ’وشنو ڊگمبر‘ جي به آسيس حاصل رهي. دادي ليلا هر آچر تي ٿياسافيڪل لاج (بيسنت هال، حيدرآباد) ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ ويندي هئي. هن ڪلاسيڪل راڳ جي ڄاڻ به حاصل ڪئي. جڏهن هوءَ انٽر جي شاگردياڻي هئي، تڏهن 1936ع ۾ ڊي. جي. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، سنڌ ۾ هڪ ’آل انڊيا ميوزڪ ڪامپيٽيشن‘ ٿي، جنهن ۾ سڄي هندستان جي 20 ورهيه ڄمار وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين شرڪت ڪئي. هن مقابلي ۾ سنڌ ۽ هندستان جي مختلف شهرن- بڙودا، بيڪانير، نينيتال، ڪلڪتي، دهليءَ وغيره مان 14 ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن حصو ورتو. داديءَ اُن موقعي تي ميران ٻائيءَ جو مشهور ڀڄن ’ميرا تو گرڌر گوپال، دوسرا نه ڪوئي وي‘، ڪلاسيڪي انداز ۽ رنگ ۾ ڳائي پهريون نمبر حاصل ڪيو.
برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن گرلس اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ اڪثر هندو سنڌي ماسترياڻيون، حالتن جو شڪار ٿي هندستان لڏي ويون، ته داديءَ کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ٽيچر ڪري رکڻ سان گڏ ’ليڊي سپرنٽيڊنٽ‘ جي جاءِ ڏني وئي. هن وطن مان بي وطن ٿيڻ نه قبوليو ۽ سنڌ ۾ رهي، نياڻين جي تعليمي خدمت ڪئي. اُستاد بنجڻ کان پوءِ سندس ’ڪئريئر‘ (Career) ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ هن راڳ ڳائڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته سندس نظر ۾ راڳ کي روح جي غذا ۽ عبادت سمجهڻ وارا ئي نه رهيا هئا ۽ عام ماڻهن ڳائڻ کي عزت واري نگاهه سان نه ٿي ڏٺو.
داديءَ 1951ع ۾ ڪراچيءَ مان بي. ٽيءَ (B.T) جو امتحان ڏنو ۽ 1954ع ۾ سندس هيڊمسٽريس طور ترقي ٿي. هوءَ ساڍا ٽي سال گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ هيڊماسترياڻي رهي ۽ هن گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص کي وڏي اوج تي رسايو. ميرپورخاص ۾ هر اُهو خاندانُ داديءَ کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، جنهن خاندان جون نياڻيون سندس اسڪول ۾ تعليم پرائينديون هيون. هن تعليمَ سان گڏ نياڻين ۾ موسيقيءَ، ڊرامن، تقريري مقابلن ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو وڏو چاهه پيدا ڪيو. جڏهن 1957ع ۾ داديءَ کي ميران هاءِ اسڪول حيدرآباد جو پرنسپال بنايو ويو.
دادي ليلاوتيءَ ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري ٻيو نمبر حاصل ڪيو. 1958ع ۾ داديءَ جي امريڪا جي اسڪالرشپ منظور ٿي، کيس ٻاهر وڃي تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق وڏو هو، ڪافي خرچ به ڪيائين، پر کيس آمريڪا جي ويزا نه ملي ۽ سندس اسڪالرشپ رد ٿي وئي، جنهن جو ڏک کيس اڃا تائين دامنگير آهي.
1958ع جي آخر ۾ داديءَ جي ڊپٽي انسپيڪٽريس آف گرلس اسڪولس طور ترقي ٿي ۽ سندس هٿ هيٺ پنج ضلعا: حيدرآباد، ٿرپارڪر، دادو، سانگهڙ ۽ ٺٽو ڏنا ويا. داديءَ کي 1964ع ۾ ڪلاس ون ۾ ترقي ڏئي انسپيڪٽريس گرلس اسڪولس سنڌ بنايو ويو، جتي 1972ع تائين ان عهدي تي رهي. هن عورتن جي تعليم ۾ وڏا سڌارا آندا. 1972ع ۾ جڏهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرس (D.E.Os) جون پوسٽون مقرر ٿيون ته ٻين سمورن ضلعن لاءِ هڪ هڪ D.E.O مقرر ڪيو ويو، پر داديءَ کي D.E.O مقرر ڪري، کيس ٽي ضلعا (حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين) ڏنا ويا، ان مان سندس انتظامي ۽ تعليمي صلاحيتن ۽ قابليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان عرصي دوران ائڊيشنل ڊائريڪٽر اسڪولس جي چارج به وٽس رهي. هن هر پوسٽ کي چئلينج سمجهي نڀايو. ايمانداري، محنت ۽ دلي لڳاءَ سان ڪم ڪيو. داديءَ جي ايامڪاريءَ ۾ ڊائريڪٽوريٽ ۾ ٽَڪو به رشوت نه ورتي وئي. هن آفيس جي ڪلارڪن تي ڪرڙي نظر رکي، منجهن بچت جو مادو پيدا ڪيو، ايتريقدر جو ڪلارڪن جي زالن کي جڏهن مُڙسن جا پگهار پورا مليا ته داديءَ وٽ اچي کيس دعائون ڏنائون. داديءَ ماسترياڻين کي سهوليتن وارا اسڪول ۽ رعايتون ڏنيون. سرڪاري گرانٽ جو صحيح استعمال ڪيو ۽ الاٽمينٽ دوران بچت ڪري ڪيتريون رٿائون مڪمل ڪرايون.
داديءَ تعليم کاتي مان جولاءِ 1975ع ۾، 58 سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيو.
دادي ليلا پنهنجي زندگيءَ ۾ 1981ع کان 1991ع واري دور کي پنهنجي زندگيءَ جو انتهائي ڪارگر ۽ مثالي دور سڏي ٿي. رٽائرمينٽ کان پوءِ واري هن عرصي ۾ دادي ليلاوتيءَ، يونيسيف ۽ بيورو آف ڪريڪيولم، ڄام شوري جي سهڪار سان سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سوين ’ڪميونٽي سينٽر‘ قائم ڪرايا، جن ۾ اڄ ڇوڪرين جا پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪول هلي رهيا آهن.
داديءَ، ٻهراڙي جي هن سفر دوران سوين ڳوٺن ۾ عورتن ۾ تعليم ۽ هنر لاءِ وڏو چاهه پيدا ڪيو. هن سچي ۽ اصلي سنڌ اُن دور ۾ ئي ڏٺي. هوءَ پنڌ، ڍڳي گاڏين، گڏهه گاڏن، اٺ گاڏن، بسن ۽ ڇڪڙن ۾ چڙهي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهتي.
هن هڪ سڌارڪ (Reformer) جو ڪردار ڪري عورتن کي سماجي حقن جي آگاهي ڏني، کين وهمن، ڀرمن، وسوسن ۽ سَنسن مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. منجهن تعليم جي شعور سان گڏ هُنرن لاءِ دلچسپي ۽ گهرداريءَ جي ساڃاهه پيدا ڪئي. هوءَ پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڳوٺن ۾ پهچـنـدي هـئي. عـورتـون، داديءَ کـي رحـمـت جـو فـرشـتو سمجهـنديون هـيـون.
هن انهي عرصي ۾ عورتن جي اهميت، تعليم ۽ هنرن بابت ڪيترا راڳ تيار ڪرايا، جيڪي کين ڳائي ٻڌائيندي هئي ۽ سندن همت وڌائيندي هئي. ’اي سنڌوءَ جي سگهڙ سياڻي‘ ۽ ’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘ جهڙا گيتَ داديءَ ته ان ئي عرصي ۾ لکيا ۽ ڳاتا.
سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اي سنڌوءَ جي سگهڙ نياڻي،
تنهنجي هوندي ڇو سنڌڙي ويڳاڻي،
تون ته ناز و ادا کان نياري،
تون ته بيشڪ آهين نوري نماڻي.
پهرين اپريل 1981ع تي سنڌ ۾ پهرين ’عورت ڪانفرنس‘ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ داديءَ پنهنجي ٽِم سان ان جو مُکيه گيت (Theme Song) تيار ڪري ڳايو، جنهن جا ٻول هئا:
’ڏي سنڌي عورت ساک سچي!‘
دادي ليلاوتي اپوا، ريڊ ڪراس، روٽري ڪلب، لئميڪ ۽ ٻين ادارن معرفت ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا.
داديءَ کي هڪ پٽ ڊاڪٽر پرديپ ڪمار آهي، جنهن جو ڪوڏاڻو نالو ’چاند‘ آهي. سندس نُنهن ’ڊاڪٽر ڪُسم پرديپ‘ به ڊاڪٽر آهي ۽ کين ٻه ٻار آهن، سڀ داديءَ سان گڏ رهن ٿا ۽ سندس هر طرح جو خيال رکن ٿا. هيڏي وڏيءَ ڄمار هوندي به داديءَ جي صحت سلامت آهي ۽ سڄي ڄمار ’طبيبن تات‘ نه پئي آهي. تازو ڪجهه سال اڳ اسپتال ڀيڙي ٿي، جڏهن روڊ حادثي ۾ کيس ڌڪ لڳا هئا، نه ته جسماني بيماري، مٿي جي سور ۽ بخار ۾ به ڪڏهن مبتلا نه رهي، اُن جو سبب داديءَ جو صحت جي نيمن جو پالن ڪرڻ، سادو کاڌو کائڻ ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ جو طور طريقو آهي.
دادي ليلاوتيءَ کي صدارتي اوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ مليل آهن.
دادي ليلاوتيءَ جهڙيون عظيم عورتون ملڪن ۽ سماجن جي عزت ۽ وقارَ جو ڪارڻ هونديون آهن.
دادي ليلاوتي 13 سيٽمبر 2017 تي لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.12.20  عيسوي

سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هرچنداڻي، هوتچند واڌواڻيءَ جي گهر ۾، هيرآباد، حيدرآباد ۾، 20 ڊسمبر 1916ع تي جنم ورتو.


2017.09.13  عيسوي

دادي ليلاوتي 13 سيٽمبر 2017 تي لاڏاڻو ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راز محمد موسيٰ
جروار نذير احمد ڊاڪٽر
ڏاهري جان محمد
رميش مهتا
رمضان سخيراڻي
سنت وسڻ شاهه
درگداس بي آڏواڻي
روميلا ٿاپر
ذوالفقار علي ڪلهوڙو
چاند بيبي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون